سارسوت براهمڻ ڊرئميٽڪ سوسائٽي

سارسوت براهمڻ ڊرئميٽڪ سوسائٽي: هي سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ نصرپور جي هندن، 1917ع ڌاري قائم ڪئي، جنهن جي بعد ۾ هڪ شاخ حيدرآباد ۾ پڻ قائم ٿي. هن سوسائٽيءَ جو آنرري سيڪريٽري گمٽ مل پوهو مل ۽ مکيه ناٽڪ نويس چانڊو مل کتري ۽ هرو مل پريمچند هئا. سوسائٽيءَ پاران پيش ٿيندڙ سمورا ناٽڪ گهريلو زندگيءَ متعلق رچيل هوندا هئا، جن ۾ زندگي سُڌارڻ جو پيغام هوندو هو. انهن ناٽڪن ۾ حالتن جي نسبت هٿيارن جي نمائش ۽ سماج ۾ رونما ٿيندڙ حادثن جي منظرڪشي پڻ ڪئي ويندي هئي. هن سوسائٽيءَ پاران هوتچند تيجورام، رام هيرا، ڌرمداس ماڻڪ ۽ ڌمڻ مهراج اهم اداڪار هوندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو